مون پارا تنهنجا گهورا توکي وسري ويا هوندا

گهاريَل پنهنجا ڏينهن بہ ٿورا توکي وسري ويا هوندا

مهڪيل پل ڪي پيار جا مٺڙا ۽ قول قرار ماضي جا

سي واعدا سائين سمورا توکي وسري ويا هوند

پٽ پُراڻا ۽ خواب نِماڻا سارا وسري ويا هوندئي

۽ منهنجي ٻانهن جا هندورا توکي وسري ويا هوندا

واسيَل ساھ سمورا چاھ چِٺيون سي خالي خالي

آس چِٽيَل ڪي ڪاغذ ڪورا توکي وسري ويا هوندا