مون پارا تنهنجا گهورا توکي وسري ويا هوندا

 مون پارا تنهنجا گهورا توکي وسري ويا هوندا

گهاريَل پنهنجا ڏينهن بہ ٿورا توکي وسري ويا هوندا

مهڪيل پل ڪي پيار جا مٺڙا ۽ قول قرار ماضي جا

سي واعدا سائين سمورا توکي وسري ويا هوند

پٽ پُراڻا ۽ خواب نِماڻا سارا وسري ويا هوندئي

۽ منهنجي ٻانهن جا هندورا توکي وسري ويا هوندا

واسيَل ساھ سمورا چاھ چِٺيون سي خالي خالي

آس چِٽيَل ڪي ڪاغذ ڪورا توکي وسري ويا هوندا

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے